پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي. ذريعن موجب 16 مئي کان پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، پاڪستان ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جا امڪان عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمت ۾ 6.32 ڊالر في بيرل گهٽتائي کانپوءِ پيدا ٿيا آهن، جيڪا هاڻ تقريبن 99.93 ڊالر في بيرل تائين پهتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي اگهه ۾ به 9.70 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، عالمي سطح تي ڊيزل جي قيمت 99.08 ڊالر في بيرل آهي. واضح رهي ته حڪومت 30 اپريل تي به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اگهن جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت 15 مئي جي رات اوگرا جي سمري جي روشني ۾ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو