پاڪستان ۾ ايڪس (ٽوئيٽر)بند، صارف پريشان

لاهور(ويب ڊيسڪ)مشهور سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس سڄي پاڪستان ۾ ڊاؤن آهي، جنهن ڪري لکين صارفين لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي رهيون آهن.ريئل ٽائم انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي بندش ۽ مانيٽرنگ سروس Downloaddetector.pk موجب، پاڪستان ۾ ڇنڇر جي رات 9 وڳي کان X ڊائون آهي، صارفين کي شڪايت آهي ته انهن کي ٽوئيٽس ۽ نيون پوسٽون ڏسڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.صارفين ايڪس تائين رسائي ڪرڻ جي قابل نه آهن، جڏهن به اهو لوڊ ٿي رهيو آهي، نوٽيفڪيشن ‘هي سائيٽ پهچي نه ٿي سگهي’ اسڪرين تي ڏيکاري ٿي.ٻئي طرف سائبر سيڪيورٽي واچ ڊاگ نيٽ بلاڪس به پاڪستان ۾ ايڪس بند ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سائيٽس سميت انٽرنيٽ سروس ڪيترائي ڀيرا بند ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو