پاڪستان جي امير طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، آءِ ايم ايف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان 3 ارب ڊالرن جي 9 مهينن جي اڳوڻي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ (ايس بي اي) جي ممڪنه فالو اپ پروگرام جي حوالي سان فنڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، پر اهم معاملن تي عمل درآمد اڃا باقي آهي. آءِ ايم ايف ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ٿنڪ ٽينڪ ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سربراهه چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گڏ پنهنجو موجوده پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪري رهيو آهي، معيشت ۾ ڪجهه بهتري اچي رهي آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، پر اڃا گهڻو ڪجهه باقي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترا ئي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ته ٽيڪس ادا ڪندڙن جو انگ، معاشري جو امير طبقو معيشت ۾ ڪيئن ڪردار ادا ڪري ٿو، سرڪاري خرچ ڪيئن خرچ ٿي رهيو آهي ۽ وڌيڪ شفاف ماحول پيدا ڪرڻ ضروري آهي. ياد رهي ته 19 مارچ تي فنڊ سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيو هو جنهن مطابق اپريل جي آخر ۾ رٿيل فنڊ جي اجلاس ۾ هڪ ارب ڏهه ڪروڙ ڊالر جي قسط جي منظوري باقي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو