واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نر يندر مودي جي وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارت کي نشانو بڻائيندڙ تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري. واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڀارت وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات جي پڌرائيءَ ۾ ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن ۾ ملوث عنصرن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.گڏيل پڌرائيءَ ۾ گڏيل قومن جي فهرست ۾ شامل سڀني دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي جو به چيو ويو، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن سرحد پار دهشتگردي جي به مذمت ڪئي.پڌرائي ۾ پاڪستان تي زور ڏنو ويو ته اهو يقيني بڻائي ته ان جي اثر هيٺ ڪو به علائقو دهشتگرد حملن لاءِ استعمال نه ٿئي، واضح ڪيو ويو ته آمريڪا ۽ ڀارت عالمي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ بيٺا آهن.
