ايشيا ڪپ شروع: افتتاحي تقريب،پاڪستان ۽ نيپال جي راند جاري

ملتان (ويب ڊيسڪ)ملتان اسٽيڊيم ۾ رنگارنگ افتتاحي تقريب سان پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ جا دنگل شروع ٿي ويا آهن پاڪستاني سنگر عائمه بيگ ۽ نيپال جي تريشالا گورونگ سرن جي ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، پاڪستاني رنگ ۾ رنگيل ڦوڪڻا هوا ۾ اڏايا ويا،ايشيا ڪپ جي افتتاحي دنگل ۾ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون آمهون سامهون آهن،پاڪستان جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪري رهي آهي،قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته پچ ڏسڻ سٺي پئي لڳي، ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين،نيپالي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت پوڊيل چيو ته اسان پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهيا آهيون، وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو