رياض (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحال ٿي رهي آهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سعودي عرب ۾ ن ليگ جي عهديدارن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان دوران نواز شريف چيو ته پاڪستان جي معيشت بحال ٿي رهي آهي، پاڪستان ٻيهر ترقي ڪندو ۽ عوام خوشحال ٿيندو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني فخر جو اثاثو آهن، اوورسيز پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
