پاڪستان بار جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به عدالتن ۾ هڙتال جاري، عدالتي ڪارروائي متاثر

ڪراچي (نمائندن وٽان) سيشن ججن کان ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو اختيار واپس وٺي اهو اختيار پوليس جي ضلعي سربراه يعني ايس ايس پي کي ڏيڻ خلاف  پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ٻن ڏينهن واري هڙتال سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ جاري آهي. اطلاعن موجب چئني صوبن ۽ اسلام آباد هائي ڪورٽ سميت چئني صوبن جي ماتحتي عدالتن ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. جنهن سبب عدالتي ڪارروائي سخت متاثر ٿي آهي. پاڪستان بار ۽ سڄي ملڪ جي وڪيلن جي تنظيمن جي نمائندن جو اڱاري تي اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ اربع ۽ خميس تي ٻه ڏينهن هڙتال جو فيصلو ڪيو ويو هو. وڪيلن جي نمائندن جو چوڻ آهي ته کين اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ جڊيشري يڪطرفه طور اهو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان عوامي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو ۽ هي ملڪ پوليس اسٽيٽ بڻجي ويندو. پاڪستان بار ڪائونسل جو مطالبو آهي تو اهو فيصلو واپس وٺي سيڪشن ٻاويهه اي هيٺ جسٽس آف پيس جا ايف آئي آر داخل ڪرڻ جا اختيار بحال ڪيا وڃن. ڪراچي مان سنڌياري جي نمائندي جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي گيٽ تي وڏي تعداد ۾ وڪيل بيٺا آهن جيڪي سرڪاري وڪيلن کي به روڪي رهيا آهن ته هو عدالتي ڪارروائي ۾ شريڪ نه ٿين. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سجاول، ٺٺو، بدين، مٺي، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان نمائندن جو چوڻ آهي ته عدالتن ۾ وڪيلن جي هڙتال جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو