پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پُراميد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام واري عالمي اداري فائنينشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) جي گي لسٽ مان نڪرڻ لاءِ هن ڀيري ڪافي پراميد آهي.ذريعن موجب پاڪستان فينف جي 27 مان 26 پوائنٽن تي اڳڀرائي مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽون آهن ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا برقرار رکڻ جو فيصلو سياسي نوعيت جو هوندو. انٽرنيشنل ڪو آپريشن ريويو گروپ جو ورچوئل اجلاس اڄ ٿيندو. گروپ ۾ چائنا، يو ايس اي، يو ڪي، فرانس ۽ انڊيا شامل آهن. پاڪستان طرفان عمل ڪرڻ وارن نڪتن تي رپورٽ تيار ڪري پلينري اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.  جيڪو 21 کان 25 جون تائين هوندو.پاڪستان بابت سمورن گروپن جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. پاڪستان طرفان هڪ نڪتي تي عمل ڪرڻ رهجي ويو آهي. گذريل اجلاس تائين پاڪستان 24 نڪتن تي عمل ڪيو هو. هن ڀيري 26 پوائنٽن تي عمل ڪرڻ سبب پاڪستان گري لست مان نڪرڻ لاءِ ڪافي پراميد آهي. واضح رهي ته پاڪستان کي 2018 ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو