نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ به پاڪستاني پشاوري چپل کي سڃاڻي ورتو پر اصل پشاوري چپل پاڪستان مان درآمد ڪرڻ بدران ان جي اسپيني نقل کي ترجيح ڏني.جيمز بانڊ جو سپر اسٽار ۽ برطانوي اداڪار ڊينيئل ڪيريگ پنهنجي تازي فلم ”گلاس آنين“ ۾ هلڪي ڪريم پشاوري چپل پائڻ ۾ نظر آيو.برطانوي اداڪار ڊينيئل ڪريگ جي سينڊلز کي ’سيٽاٽ سينڊلز‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي اسپينش فيشن ڊيزائنر مينولو بلهڪ ٺاهيو آهي، جنهن جي قيمت 180 ڊالر آهي.فلم ’گلاس آنيئن‘ جي شروعاتي منظر ۾ ڊينيل ڪريگ هلڪي نيري ۽ اڇي رنگ جي پٽي واري لباس ۾ بليڪ سن گلاسز ۽ پشاوري چپل ۾ نظر آيو، سندس فيشن جي انداز جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.بالي ووڊ جي هي پراسرار فلم 23 نومبر تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿي جڏهن ته فلم 23 ڊسمبر کان نيٽ فلڪس تي پڻ رليز ڪئي پئي وڃي.
