پاڪستان،ايران لاڳاپن ۾ سٺا ۽ خراب ڳالهيون اينديون آهن:سولنگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ايران واقعي تي پاڪستان جي رد عمل جي حوالي سان چيو ته هي شروعاتي رد عمل آهي مڪمل نه آهي، پاڪ ايران لاڳاپن ۾ سٺيون ۽ خراب شيون آهن.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن بيٽ صحافين جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي ٻارن جي راند ناهي، هي ملڪي معاملا آهن،هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن ۾ سٺيون ۽ خراب شيون آهن، ايران سان تمام سٺا لاڳاپا رهيا آهن، هي هڪ غير معمولي واقعو آهي.هن چيو ته پرڏيهي وزارت رد عمل ظاهر ڪيو آهي، ايراني ناظم الامور کي طلب ڪيو آهي، هي ابتدائي رد عمل آهن، مڪمل رد عمل ناهي، لاڳاپيل اختيارين ان تي غور ڪري رهيا آهن،مرتضيٰ سولنگي چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غير سرڪاري هو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي ڪوشش ڪئي ته ڀليڪار آهي،هن چيو ته اڄ جيڪي خطرا موجود آهن اهي 2008 کان وڌيڪ خراب ناهن،نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن ٿيندي ڇو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ چونڊيل نمائندن ذريعي هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو