اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام 3 وڳي ٿيندو، جنهن لاءِ 7 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو، اجلاس ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي مذمت جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.ايجنڊا موجب اجلاس ۾ والدين تحفظ بل 2022 قانون سازي لاءِ پيش ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس دوران سي پيڪ، وڌندڙ آبادي، موسمياتي تبديلي ۽ پرڏيهي پاليسي تي بحث لاءِ ٺهراءُ پڻ پيش ڪيو ويندو.
