پارس شاهه قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد جي عدالت پارس شاهه قتل ڪيس ۾ سندس زال ۽ سهري سميت چئن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،پوليس جوابدار ديدار شاهه ۽ اسرار شاهه کي جيل مان عدالت آندو، عبوري ضمانت ڪرائيندڙ پارس شاهه جي زال فرزانه شاهه ۽ سهرو غلام نبي شاهه به وڪيل معرفت پيش ٿيا،عدالت ڪيس ۾ پارس شاهه جي زال ۽ سهري سميت چئن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو، ڪيس جي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت فرد جرم لاڳو ڪندي گواهه کي 27 فيبروري تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،نومبر 2022ع ۾ پارس شاهه جو گهران لاش مليو، سندس وارثن واقعي کي قتل قرار ڏنو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو