ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن ۽ روينيو بورڊ پاران ٽارگيٽ کان گهٽ ٽيڪس وصول ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته وصوليون وڌايو ۽ ٽارگيٽ حاصل ڪريو. اهڙي هدايت هن ڇنڇر تي ٻنهي ادارن جي ڪارڪردگي بابت ڌار ڌار سڏايل اجلاسن دوران بريفنگ بعد جاري ڪيون. ناڻي کاتي گذريل ٽن سالن جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي گڏ ڪيل ٽيڪس ڊيٽا شيئر ڪندي ٻڌايو ته 21-2020 کان 23-2022 تائين.ايڪسائيز کاتي کي 335,200 ملين رپيا گڏ ڪرڻا هئا، پر اهي صرف 287,604 ملين رپيا گڏ ڪري سگهيا، جنهن جي نتيجي ۾ 47،596 ملين رپين جو شارٽ فال آهي. وڏي وزير مايوسي جو اظهار ڪندي ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن جي وصولين کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن انهن کي اهو به مشورو ڏنو ته اهي نئين ٽيڪسيشن ريجن کي ڳولين، پراڻي ٽيڪس جي شرح کي بهتر ڪن ۽ پروفيشنل ٽيڪس ۽ صوبائي ايڪسائيز تي توجه ڏين، جن ۾ وڏي گنجائش موجود آهي. سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز شرجيل ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پي ايس سي ايم آغا واصف، سيڪريٽري ناڻي فياض جتوئي، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، اسپيشل سيڪريٽري ناڻي نثار ميمڻ، ڊي جي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ اورنگزيب پنهور ۽ وحيد ميمڻ شرڪت ڪئي. 2023-24 جو 9 مهينن جو هدف: مالي سال 2023-24 جي آخري 9 مهينن دوران ايڪسائيز کاتي 2023-2023 جي گذريل 9 مهينن دوران ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ 2023-2023 جي 9 مهينن ۾ 87 ارب 47 ڪروڙ 80 لک روپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ته ان عرصي جي وصولي جو ٽارگيٽ 107 ارب 45 ڪروڙ ۽ 50 لک روپين جو هو، وصولي ٽارگيٽ کان 19 ارب 97 ڪروڙ ۽ 70 لک روپيا گهٽ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسانجي کاتي 81.41 سيڪڙو وصولي جي شرح آهي ۽ 7 مختلف ٽيسڪسز جي مد ۾ ڪوشش ڪري سال جي پڄاڻي تائين ٽارگيٽ حاصل ڪرن لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون. هن منشيات فروشن خلاف جاري مهم بابت به اجلاس کي بريف ڪيو. ٻئي پاسي سنڌ روينيو بورڊ جي اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ بورڊ آف روينيو کي گذريل ٽن سالن دوران 2020-21 کان 2022-23 تائين روينيو وصولي جو هدف 100 ارب 64 ڪروڙ هو، جنهن جي مقابلي ۾ وصولي 48 ارب 52 ڪروڙ ۽ 60 لک روپيا ٿي، جنهن ۾ 52 ارب 11 ڪروڙ 40 لک روپين جو شارٽ فال آهي. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ چيو ته بي او آر پنج ٽيڪس گڏ ڪري ٿو. هلندڙ مالي سال دوران بي او آر کي 55 ارب 21 ڪروڙ 80 لک جو ٽارگيٽ مليو . جنهن مان 9 مهيننن جو ٽارگيٽ 41 ارب 41 ڪروڙ 40 لک روپيا هو پر وصولي 13 ارب 90 ڪروڙ 10 لک روپيا ٿي آهي جيڪا33.57 سيڪڙو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پاڻي جي شرح وصولي جو هدف 80 ڪروڙ 53 لک 90 هزار هو جنهن جي مقابلي ۾وصولي 7 ڪروڙ 45 لک ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي 6090 ديهن مان 2173 ديهن جي ڪليڪشن سنڌ ايريگيشن ڊرينيج اٿارٽي (SIDA) ڪندي آهي. روينيو کاتي کي 3917 ديهن مان 7 ڪروڙ 45 لک 40 هزار روپيا وصول ٿيا. زرعي انڪم ٽيڪس (AIT) نون مهينن جو هدف 2 ارب 72 ڪروڙ 30 لک روپيا هو وصولي هڪ ارب 22 ڪروڙ روپيا ٿي آهي. رجسٽريشن کاتي جو هدف 99 ڪروڙ هو پر وصولي 24 ڪروڙ 40 لک ٿي، اهڙي طرح اسٽيمپ ڊيوٽي جو هدف 36 ارب 78 ڪروڙ 70 لک هو ۽ وصولي 12 ارب 22 ڪروڙ 90 لک روپيا ٿي. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته زرعي آمدني تي ٽيڪس جي ڇوٽ جي حد 12 لک روپيا آهي، جيڪا گهڻي آهي ان کي ايف بي آر جي حد تائين آڻي سگهجي ٿو. هن تجويز ڏني ته زرعي ٽيڪس جو نظام ڊجيٽائيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي معاشي صورتحال سبب پراپرٽي تي لاڳو اسٽيمپ ڊيوٽي جي وصولي گهٽ ٿي آهي. وڏي وزير، چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي شرح وڌائڻ، ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس لڳائڻ ۽ ختم ڪيل پراپرٽي رجسٽريشن فيس بحال ڪرڻ سميت مختلف آپشنز جو جائزو وٺي نئين بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي ۽ نون ٽيڪس بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو