اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جو فيصلو ٿي ويو، ڪامران خان ٽسوري سيٽ بچائڻ لاءِ اسلام آباد پھچي ويو، ذريعن موجب وفاقي سرڪار گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ کيس اعلي حڪومتي شخصيتن اهڙو پيغام به ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب گورنر سنڌ کي استعفا ڏيڻ جو چيو ويو آهي ٻي صورت ۾ کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو ذريعن موجب گورنر سنڌ اڄ اسلام آباد پهتو آهي ۽ هو سنڌ هائوس ۾ ترسيل آهي اڄ رات دوران هو گورنرشپ بچائڻ لاءِ ڪي اهم گڏجاڻيون ڪندو،گورنر ڪامران خان ٽسوري کيس هٽائڻ بابت ايم ڪيو ايم قيادت کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي،










