ٽرمپ ۽ روحاني ملاقات جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي،وائيٽ هائوس

واشنگٽن(ويب نيوز) وائيٽ هائوس جي مشير چيو آهي ته آمريڪا پاران ايران کي سعودي عرب تي حملن جو ذميوار قرار ڏيڻ جي باوجود به صدر ٽرمپ ۽ ايراني صدر حسن روحاني جي ملاقات جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. وائٽ هائوس جي مشير مس ڪيلياني ڪونوي چيو ته ڇنڇر تي سعودي عرب جي تيل صاف ڪرڻ وارن ڪاخانن تي ٿيل حملا ملاقات لاءِ مددگار هرگز ثابت نه ٿيندا پر ان سبب ملاقات جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ملاقات جو حتمي فيصلو صدر ٽرمپ ڪندو. اقوام متحده جي جنرل اسمبلي جي سائيڊ لائن تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ٿي به سگهي ٿي ۽ نه به ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران تي جوهري ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان دٻاءُ برقرار رکندو. اوهان پنهنجوي ڪيس ۾ اها مدد نٿا ڪريو ته سعودي عرب جي شهري آبادين، انفرا اسٽرڪچر ۽ عالمي ضرورتون پوريون ڪندڙ توانائي جي منصوبن تي حملا ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو