ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) ٽول پلازه وٽ تيز رفتار ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ   جي نتيجي ۾ سرحد لڳ ڳوٺ حسين ڀيو واسي فيض محمد ڀيو ۽ مائي وزيران ڀيو زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتي طبي امدد ڏيڻ بعد مائي وزيران ڀيو ۽ فيض محمد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو .  ٻئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا. هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏھن ته اوٻاوڙو پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو