توشا خانه ڪيس بابت خان جو موقف ٻيهر ٻڌو وڃي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست رد ڪرڻ واري ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.ٽرائل ڪورٽ توشاخانا ڪيس کي ناقابل سماعت قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي ۽ عدالت چيو هوته توشا خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي. ٽرائل ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف هن اپيل ڪئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس واپس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ ٽرائل ڪورٽ کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي دليلن تي ٻيهر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت حڪم ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائي.ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ عمران خان جي درخواست رد ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو ته توشه خانه ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ ۾ هلندڙ فوجداري ڪارروائي قابل قبول ناهي، اهي اعتراض ٽيڪنيڪل بنيادن تي اٿاريا ويا. اليڪشن ڪميشن اها شڪايت ان وقت داخل ڪئي جڏهن اها مجاز اٿارٽي ناهي، جيڪڏهن مجاز اٿارٽي شڪايت داخل ڪري ته سيشن ڪورٽ کي ان جي جاچ ڪرڻ جو اختيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو