جلال چانڊيو 1944ع ۾ ضلعي نوشهري فيروز لڳ هڪ ڳوٺ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گھر پيدا ٿيو. پيءَ کيس درزي بنائڻ پئي چاهيو ان لاءِ کيس نوان جتوئي ۾ ڪجھ عرصو ڪم سکيو. پر هتي سندس دل نه لڳي ۽ واپس ڳوٺ اچي ٻڪريون چارڻ شروع ڪيائين چون ٿا ته جلال کي عشق جي چوٽ لڳي هئي جنهن ڪري هو جھنگ ۾ ٺڪريون وڄائي ڳائيندو وتندو هو.
1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس پهرين ڪيسٽ پارس ڪمپني ڪڍي جنهن جو ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري منهنجي جانب جان جلائين ٿو“ تمام گھڻو مقبول ٿيو.
جلال چانڊيو نه رڳو يڪتاري ۽ چپڙي جو بادشاھ هو بلڪ سنڌي ڪيسٽن جو به اهو ئي بادشاھ هو. جلال چانڊيو کان پهريان سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا ۾ پنجابي گانن جو راڄ هو. عنايت حسين ڀٽي ميڊم نورجھان ۽ ٻين جي آوازن ۾ ٽريڪٽرن تي به ڪيسٽون ٻڌيون وينديون هيون. تمام گھٽ ماڻهو استاد منظور علي خان جيوڻي ٻائي ۽ ٻين سنڌي فنڪارن جون ڪيسٽون ٻڌندا هئا.

مطلب ته سنڌي ڪيسٽ ڪلچر تمام گھڻو پوئتي هو. جلال چانڊيو انهن ڳائڻن مان هو جن جي مڃتا کي ڏسي ريڊيو پاڪستان کين رڪارڊ ڪرڻ تي مجبور ٿيو. سچل سائين جي ميلي تي جلال کانسواءِ ٻيا ڪيترائي فنڪار هئا جھڙوڪـ ؛ محمد يوسف؛ عابدہ پروين ؛ وحيد علي ؛ استاد منظور علي خان وغيرہ آيل هئا. پر جڏهن جلال چانڊيو آيو ته عوام اچي ڪڙڪيو ماڻهن جو هجوم اچي گڏ ٿيو.
1999ع ۽ شاھ سائين جي ميلي تي جڏهن جلال چانڊيو صاحب جو وارو آيو ته حميد آخوند صاحب ٻڌايو ته جلال چانڊيو جي طبيعت خراب آهي ان لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪلام نه ڳائي سگھندو. جڏهن جلال هڪ ڪلام ڳائي بس ڪيو ته فرمائش جا هوڪرا ۽ ڪوڪرا ٿي ويا. وري حميد صاحب اسٽيج تي آيو بابا رحم ڪريو ۽ سندس صحت جو خيال ڪيو پر تاڙين جي گونج ۾ حميد صاحب کي ڪير به نه پيو ٻڌي. اهو ڏسي جلال چيو مئاسين ته خير آ پر ضرور ڳائبو. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد فنڪار آهي جنهن جي زندگي تي سندس نالي سان 1985 ۾ فلم ٺهي جيڪا تمام گھڻي مشهور وئي.

هن ئي فنڪار جي نالي سان ڳائڻن ۾ تحريڪ هلي جن ڪيترائي فنڪار پيدا ڪيا.
جلال چانڊيو ڳائڻ سان گڏ هڪ وڏو مهمان نواز انسان هيو سندس ڦل شھر ۾ واقع اوطاق تي هر وقت مهمانن دوستن جا ميلا لڳل هوندا هيا جلال ڀلن گهوڙن ڀلين مينهن جو پڻ شوقين هيو سندس وٽ اوطاق ۾ ڪانگل نالي گهوڙو ۽ بهترين ڀلوڙ مينهيون بيٺل هونديون هيون جلال چانڊيو ٽي شاديون ڪيون جنهن مان سندس کي چئن پٽن قلندر،معشوق،دلبر،نادرجلال چانڊيو ۽ هڪ نياڻي هئي هن سنڌي کانسواءِ سرائڪي ؛براهوي ؛ پنجابي ؛ بلوچي ؛ ۽ اردو ۾ ڳايو. سندس مادري ٻولي سرائڪي هئي.

جلال چانڊيو ايترو ته مشهور ٿيو جو ٽرڪن ۽ ٽينڪرن تي سندس وڏيون وڏيون تصويرون ٺاهيون وينديون هيون.کيس شاھ لطيف ايوارڊ قلندر لعل ايوارڊ سچل ايوارڊ ۽ ٻيا مليا. جلال چانڊيو جا شاگرد به تمام گهڻا آھن جن ۾ ڪجھ صفا جلال جگر جلال ننڍو جلال وغيره وغيره. جلال چانڊيو کي گردن جي تڪليف ٿي ڪجھ مهينا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو آخرڪار ڏهين جنوري 2001ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس آخري آرامگاه سندس ڦل شھر ۾ واقع گهر ۽ اوطاق ڀرسان آھي
جلال چانڊيو کان پوء سندس ٻه پٽ قلندر جلال ۽ دلبر جلال چانڊيو ڳائين ٿا جن جون ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ پڻ اچي چڪيون آھن. جلال چانڊيو جي ورسي هر سال ڏهه جنوري جي تاريخ تي سگا برانچ ڦل ۽ جلال چانڊيو يادگار ڪاميٽي طرفان ڦل شھر ۾ سندس اوطاق ڀرسان کيس جي مقبري وٽ ملهائي ويندي آھي.