ٻيلي کاتي جي ڏاڍاين خلاف آبادگار پاران احتجاج

مانجهند( رپورٽ مهراڻ عمراڻ) مانجهند تعلقي جي ڪچي ۾ سعيدآباد ٻيلي کاتي جون مبينا ڏاڍايون سروي زمينن جا آبادگار  بي دخل فصل جي ڀيل لکين روپين جو نقصان متاثرن جو  نقشا کڻي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هڻي سخت  ناري بازي ڪئي مانجهند تعلقي جي ديه لاکا جي آبادگارن مهدي صالح ڪاڇي غلام دستگير ڪاڇي ڀائي خان کوسو  محمد لائق کوسو محمد علي کوسو نظير کوسو غلام محمد کوسو  صحافين کي زمينن جو دورو ڪرائيندي  احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ڊي ايف او مٽياري ۽ آر ايف او سعيدآباد خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ت ٻيلو کاتو مٽياري جو ڊي ايف او ۽ رينجر سعيدآباد مبينا رشوت نه ملڻ تي مڇرجي ديه لاکا تعلقه مانجهند ۾ واقع 700 کان وڌيڪ ايڪڙ تي فصل ڀيلائي موٽر کڻائي زمينن تان بي دخل ڪري ڇڏيو آھي هنن مانجهند تعلقه جي لاکا ديه جا سروي نقشا ڏيکاريندي چيو ت رشوت ڏيندڙ آبادگارن کي زمين پوکڻ جي اجازت مليل آھي پر کين تنگ ڪيو پيو وڃي علائقي جي اهم سياسي شخصيت سيد جلال محمود شاه روينيو کاتي جي عملدارن روبرو ماپ به ڪرائي هئي جنهن ۾ زمين سندن ديه  لاکا ۾ 700 ايڪڙ ڪاڇي خاندان کي ڏياري وئي هئي  جنهن مان هنن 20 سال اڳ ڪجه زمينون  وڪرو به ڪيون آھن جيڪي مختلف برادرين جا ماڻھون   پوکي روزي ڪري رهيا آھن پر هاڻي ڊي ايف او مٽياري  آر ايف او سعيد آباد مبينا ڏيتي ليتي نه ڪرڻ تي فصل بيلائي پوکڻ کان منع ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن  جنهن سبب ڦاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون هنن سپريم ڪورٽ وزير اعلي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ت ٻيلي کاتي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري سندن سروي زمينون ڇڏرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جاري رهندو رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف او مٽياري ياسين رند ٻڌايو ت متاثر ڪمشنر حيدرآباد کي درخواست ڏئي روينيو کاتي کان ماپ ڪرائين باقي اسان گوگل جي نقشي تحت ٻيلي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو