اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مفت موبائل ڪالز جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زيرو بيلنس فري ڪال جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.هاڻي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موبائل ڪمپنيون به زيرو بيلنس تي ڪالز جي سهولت فراهم ڪنديون، اهو قدم عوام جي بچاءَ ۽ رليف جي ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.










