ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان ڪهاڙي لڳڻ سبب سخت زخمي

گلاب لغاري (رپورٽ گلزار لغاري)شھر جي مين روڊ تي عيد ڏھاڙي شام جو مرغي فروش درياء خان چانڊيو ھڪ نامعلوم سميت سر عام ڪھاڙين جا سڌا وار ڪري موبائل فونن جي نوجوان مستري راحب لغاري کي رتو رت ڪري وڌو. ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد زخمي کي علاج لاء آر ايڇ سي ٽنڊوغلام علي نيو ويو جتان زخمي کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. زخمي نوجوان جي والد پ پ جي جھوني ڪارڪن ڪامريڊ علي بخش لغاري جي فرياد تي درياء خان چانڊيو ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس درج ڪيو ويو آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو