ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ عورت ۽ نيننگر فوت ٿي ويا

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) قومي شاهراهه ۽ مهراڻ ها وي تي  ٻه الڳ الڳ روڊ حادثا, هڪ عورت ۽ نينگر فوت ٿي ويا. قومي شاهراه تي راڻيپور ۾ تاج پيٽرول پمپ سامهون 50 ورهين جي عورت مسمات مجيدان زال منير احمد آرائين روڊ پار ڪندي  مسافر بس جو ٽڪر  لڳڻ سبب  ٿڏي تي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش راڻيپور اسپتال منتقل ٻئي پاسي پيروسڻ ۾ مھراڻ ھاء وي روڊ ڪراس ڪندڙ نينگر کي ڊاٽسن جو ٽڪر لڳڻ سبب 5 سالا زوھيب شيخ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش گھر پُھچڻ تي گھر ڀاتين ۾  ڪهرام مچي ويو  جڏھن تہ پيروسڻ پوليس واقعي واري ھنڌ پُھچي ڊاٽسن کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو