ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڄايل ٻن منڍين ۽ هڪ جسم وارين جاڙين ڀينرن جي شادي ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست مينيسوٽا ۾ 7 مارچ 1990ع ۾ جنم وٺندڙ 34 سالن جي اَبيگيل لورين ۽ برٽني هينسل آمريڪا جي سينيئر فوجي آفيسر جوش بالنگ سان شادي ڪئي آهي. رپورٽن مطابق جوش بالنگ جي اها ٻي شادي آهي ۽ هو هڪ ٻارڙي جو پيءُ به آهي جڏهن ته ايبي ۽ برٽني اسڪول ٽيچر آهن. هنن ڀينرن جي شادي 2021ع ۾ ٿي هئي پر اهو معاملو هاڻي ميڊيا تي رپورٽ ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن تازو ئي پنهنجي شادي جو اعتراف ڪيو آهي، هنن ڀينرن مان هر هڪ جو مٿو ۽ دل ته الڳ الڳ آهن پر جسم جڙيل آهن، هڪ کي ٽنگون ۽ ٻئي کي هٿ آهن. ٻنهي جا شناختي ڪارڊ، ڊرائيونگ لائيسنس به ڌار ڌار آهن. هو آمريڪي ٽي وي تي 2021 دوران هڪ ٽي وي سو به ڪنديون هيون جيڪو ڪافي مقبول هو. سندس پيدائش وقت ڊاڪٽرن چيو ته هي هڪ سال کان وڌيڪ زنده نه رهنديون پر هن وقت سندن عمر 34 سال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو