ٻن مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت 3 زخمي ٿي پيا

ميهڙ (ن سنڌيار) ٻن مختلف هنڌن تي روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ميھڙ لڳ ڳوٺ شيھن جي دڙي اسٽاپ وٽ انڊس ھاءِ وي روڊ تي لاڙڪاڻي کان ميھڙ طرف ايندڙ رڪشا کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب سعيد پٽ غلام مصطفي ويٺل گنجروٺ شاخ لڳ سلطان پير جو رھواسي موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته نديم سولنگي، مسمات لعل خاتون سولنگي ۽ فريحا سولنگي زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو ويو. ضروري ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻيو واقعو ميھڙ باء پاس لڳ بخاري ھوٽل ڀرسان پيش آيو. تيز رفتار شھزور گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب معصوم 8 سالن جو ٻارڙو بلاول کوسو ولد لطف الله کوسو فوت ٿي ويو. جڏھن ته گاڏي جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو پوليس شھزور گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿيل ٻارڙو ميهڙ جي مدينا ڪالوني جو رهواسي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو