ٻارڙي جي قتل تي آءِ جي سنڌ جي معافي، وزيراعليٰ جي تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ ٻارڙي احسن جي قتل واري معاملي تي وارثن کان معافي وٺي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي سينيئر آفيسرز کان ايس ايڇ او تائين سمورن آفيسرز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پوليس کي ڪارورائين دوران احيتاطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته گذريل ڏينهن ٻارڙي احسن جي قتل واري واقعي تي معافي ٿووٺان۽ ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هُن چيو ته اهڙا واقعا برداشت جوڳا نه آهن پر صوبي جي امن امان لاءِ پوليس جي قربانين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام سنڌ سرڪار يا وڏي وزير سان اختلافن بابت سوالن جا جواب نه ڏنا. هوڏانهن ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻارڙي جي والدين پوليس مقابلي واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن سڌي فائرنگ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول ٻارڙي جي والد ڪاشف راجا ۽ سندس گهر واري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان جي مرضيءَ سان ڪيس داخل ناهي ڪيو. سچل ٿاڻي جي پوليس اسان کي ٿاڻي تي گهرايو ۽ چيو ته ڪيس جي ڊرافٽ تي صحيح ڪريو. سندن چوڻ هو ته کين خبر ئي ناهي ته ايف آءِ آر جي متن ۾ ڇا لکيو ويو آهي. والدين چيو آهي ته واپس گهر وڃي رهيا هئاسين ته صفوران چورنگي ڀرسان سامهون کان پوليس اهلڪار رانگ سائيڊ ۾ اچي رهيا هئا، ٻن موٽر سائيڪلن تي 4 پوليس اهلڪار ويٺل هئا، پوليس اهلڪار اسان جي ويجهو ايندي ئي فائرنگ ڪري ڏني. والدين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ جاچ کي لڪائي رهي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽسز کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي گلستانِ سجاد پهچي پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻارڙي احسن شيخ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ٻارڙي جي پيءُ وڏي وزير کي سموري واقعي بابت آگاهه ڪيو، وڏي وزيرچيو ته معصوم جي حياتي ضايع ٿيڻ تي دلي صدمو پهتو آهي، هڪ ماءُ جي جهولي اجڙي وئي آهي. وڏي وزير کيس انصاف جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. نادر مگسي چيو ته فوتي ٻارڙو سندس حلقي جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو