ٻارن کي 15 مهينن تائين ٽڪا لازمي لڳراايو،مهم شروع

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) تعلقي ٽنڊوغلام حيدر ۾  ٻار جي ڄمڻ کان 15 مهينن تائين کيس 10 خطرناڪ بيمارين ٽي بي، وڏي کنگهه، پوليو، خناق، جهٽڪن جي بيماري، سائي، گڙدن ٽوڙ بخار، نمونيا، ارڙي ۽ دستن جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ حفاظتي ٽڪا لڳايا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ ضلعي ٽنڊومحمدخان ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مقبول ملاح، ايم او ڊاڪٽرعامر خشڪ ۽ ڊي ايس وي نصرالله ميمڻ جي خاص هدايتن تي تعلقي ٽنڊوغلام حيدر جي وئڪسينيٽرن ارباب محمدحافظ ۽ محمدرفيق ورياھ پاران ڳوٺن غازي خان لغاري، گل خان نظاماڻي، سائين داد لاشاري، محمدعرس پنهور سميت مختلف ڳوٺن ۾ پهچي ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا لڳائي عام ماڻهن کي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ ھٿن ۾ بينر کڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ماڻهن کي فقط هڪ ئي ڳالهه ذهن ۾ هوندي آهي ته ڄمڻ کان فورن بعد پهريون ٽڪو لڳرايو ويندو آهي ۽ باقي حفاظتي ٽڪا ناهن لڳرايا ويندا اسان جو مقصد انهن ماڻهن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي نون ڄاول ٻارڙن کي ڄمڻ کان 15 مهينن جي عمر تائين 10 خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ وارا ٽڪا وقت سر لڳرائين هنن چيو ته دستن ۽ ارڙيءَ جي بيمارين ۾ ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجن ٿا،جنهن کي بچاءَ واري وئڪسين لڳائي علاج فراهم ڪيو ويو آهي،وئڪسينيٽرن ارباب محمد حافظ ورياھ ۽ محمدرفيق ورياھ چيو ته جيڪڏهن تعلقي اندر ماڻھون پنهنجي علائقن اندر ٽيمون گهرائي ٽڪا لڳرائيندا ته ٻارڙن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو