ٺڪراٺو:نينگر واٽر ڪورس ۽ نوجوان مائينر ۾ ٻڏي فوت، گھر ۾ ڪھرام

ٺڪراٺو (ن سنڌيار) ٺڪراٺي ويجھو ڌنار نوجوان بمبلي مائينر ۾ وھنجندي ٻڏي فوت گھر ۾ ڪھرام خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو ڌنار نوجوان بمبلي مائينر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ جيئند مھر واسي 25 ورھين جو ڌنار نوجوان عبدالرزاق پٽ مرحوم نور خان مهر بمبلي مائينر ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو علائقي واسين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي نوجوان مال چاريندڙ هو ۽ روزانو شاخ ۾ ٻين ڌنارن سان گڏ وھنجندو ھو اڄ به هو بمبلي مائينر ۾ وھنجڻ لا۽ لٿو ته ٻڏي ويو ساٿي ڌنارن وارثن کي اھڙو اطلاع ڏنو جنھن بعد ڌنارن ۽ وارثن شاخ ۾ ڳولا ڪرڻ بعد نوجوان جو لاش ھٿ ڪيو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.ٺڪراٺي ويجھو معذور نينگر واٽرڪورس ۾ ٻڏي فوت گھر ۾ روڄ راڙو خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ گهٽي ۾ 8 ورھين جو نينگر امير علي پٽ راهب علي ملڪ ڳوٺ ٻاهران واٽرڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو نينگر ڳوٺ ٻاهران هلندڙ واٽر ۾ وھنجڻ لا۽ گهران نڪري ويو هو جيڪو واٽر ۾ پاڻي گھڻو هجڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جو لاش ڳوٺاڻن واٽر مان ڪڍي گهر آندو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا نينگر جي فوتگي جو ٻڌي علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو