’يوم پاڪستان‘ سنڌ جي ڌاڙيلن به ڌام ڌوم سان ملهايو

اوٻاوڙو (ن سنڌيار) پاڪستان ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن 23 مارچ تي پاڪستان جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو. اوهانکي حيراني ٿيندي ته سنڌ صوبي جي ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ روپوش ڌاڙيلن به پاڪستان جا جهنڊا کڻي پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻندي يوم پاڪستان ملهايو.


گهوٽڪي پنجاب ۽ بلوچستان جو سرحدي ضلعو آهي جنهن سان سنڌو درياءَ جو ڪچو لڳي ٿو ۽ هي پٽي سنڌ توڙي پنجاب جي ڌاڙيلن لاءِ وڏي محفوظ پناهه گاهه آهي. ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ جون وارداتون عام جام آهن. هتان جا ڌاڙيل ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا کي به استعمال ڪن ٿا. ڌاڙيل عورتن ذريعي ماڻهن کي هرکائي شادي جي چڪر ۾ گهرائين ٿا ته ڪي وري ڀلا ڍور، ٽريڪٽر، موٽر سائيڪل ۽ گاڏيون سستي اگهه تي وڪرو ڪرن جا فيس بڪ تي اشتهار لڳائي ماڻهن کي گهرائي اغوا ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو