يوسي آفيس جي بلڊنگ کنڊر،عوام دربدر

هالاڻي(طارق جان سهتو) يونين ڪائونسل بهلاڻي عوام جا بنيادي مسئلا حل  نه ٿي سگهيا ، عوام دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور يوسي اندر ماهوار پنج لک بجيٽ اچڻ باوجود ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا

يوسي آفيس بهلاڻي جي بلڊنگ کي 2007 ۾ شهيد راڻي جي شهادت وقت عوام غم ۽ غصي ۾ ساڙي ڇڏو هو جڏهن لوڪل گورنمنٽ نظام ۾ چونڊيل چيئرمين به يوسي آفيس جي مرمت نه ڪرائي سگهيا نه ئي يوسي ۾ ڪو ترقياتي ڪم ٿي سگهيو آهي يوسي چيئرمين ۽ سيڪريٽري چئن سالن ۾ هڪ ڏينهن به آفيس نه آيا يوسي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي اهڙي رويي سبب هتان جا رهواسي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پريشان آهن يوسي بهلاڻي جي چئن سالن ۾ ٻه ڪروڙ کان مٿي بجيٽ ملڻ باوجود شهر توڙي ٻهراڙي ۾ ڪٿي ٽڪي جو به ترقياتي ڪم يا صفائي ناهي ڪرائي وئي هتان جو عوام سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويو آهي چيئرمين پاران يوسي اندر ترقياتي ڪم ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ڪرڻ ۽ مبينا ڪيل ڪرپشن خلاف سياسي سماجي حلقن سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي ايم اين اي کان مطابو ڪيو ته چيئرمين خلاف پڇاڻو ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو