ياسمين راشد ۽ سرفراز چيما پاران ضمانت لاءِ درخواستون داخل

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد ۽ عمر سرفراز چيما 9 مئي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن. پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما ۽ اڳوڻي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد 9 مئي تي پوليس تي پيٽرول بم اڇلائڻ، گاڏين کي ساڙڻ ۽ ادارن خلاف نعريبازي ڪرڻ واري ڪيس ۾ پنهنجي آزادي لاءِ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيٽرول بم اڇلائڻ ۽ پوليس گاڏين کي ساڙڻ جا ڪي به ثبوت ناهن، ڪيس نمبر 97 ۽ 108 جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، درخواستگذارن کي سزا جي طور تي اڻڄاتل مدي تائين قيد نٿو رکي سگهجي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ياسمين راشد ۽ عمر سرفراز چيما کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو