وڪيل کي اغوا ڪندڙ ڏوهار مقابلي بعد گرفتار

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ دڙي سندراڻي واري علائقي مکواڻي لنڪ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ، پوليس گوليون لڳڻ  سبب دين محمد ميراڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو ٻڌايو ت زخمي ڏوهاري هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محمد صادق ڀنگوار کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي طرف فرار ٿي رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪندي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو مقابلي بعد مغوي وڪيل محمد صادق ڀنگوار کي بازياب ڪرائي ڏوهاري دين محمد ميراڻي کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف ڄاڻ موجب 4 ڏينهن اڳ ڏوهاري دين محمد ميراڻي کي پوليس وڪيل محمد صادق ڀنگوار کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي وڃڻ جو منصوبو جوڙيو هو جنهن جي ٽريسنگ بعد غوثپور شهر جي دولي چوڪ مان گرفتار ڪيو ويو هو کيس اڄ مبينا مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو