وڪيل قتل ڪيس، عمران خان جي ضمانت جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ نامزدگي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عائشه ملڪ تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسا روسٽرم تي آيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته وڪيل عبدالرزاق شر کي 6 جون تي ڪوئيٽا ۾ قتل ڪيو ويو، وزيراعظم جي خاص مددگار ٽي وي چئنلز تي الزام لڳايو ته قتل عمران خان ڪيو آهي.جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ٽي وي چينلز ڇڏي ڏيو، ايف آءِ آر بابت ٻڌايو.لطيف کوسا چيو ته مقتول وڪيل عبدالرزاق شر جي پٽ عمران خان خلاف پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، مدعي چيو ته سندس والد عمران خان خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ايف آءِ آر ۾ دهشتگرديءَ جي دفعات شامل آهن. هيٺين عدالت جي جج اهو به نه ڏٺو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ثبوت آهن يا نه،ان موقعي تي وڪيل لطيف کوسا اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڏنو آهي.جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ آر ۾ ڪير طئي ڪري ٿو ته دهشتگردي جون شقون لاڳو ٿيڻ گهرجن يا نه؟ايڊووڪيٽ لطيف کوسا جواب ڏنو ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جي بنيادي ذميواري آهي. جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ايس ايڇ او جو فيصلو غلط آهي ته ان خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ٿيندي يا نه؟ جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته اي ٽي اي جا سيڪشن 6 ۽ 7 غلط آهن، پوءِ انهن کي ڪهڙي قانون تحت ختم ڪري سگهجي ٿو؟ ڪير اهو فيصلو ڪري ته ڇا ملزم تي غلط شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي؟ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان کي حق آهي ته وڃي لاڳاپيل فورم تي درخواست ڏيو ته غلط شقون لڳايون ويون آهن.وڪيل لطيف کوسا جواب ڏنو ته چالان اڃا پيش نه ٿيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جي آءِ ٽي کي چئلينج ڪيو آهي؟ بچاءَ واري وڪيل لطيف کوسا جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي ته منهنجي خلاف ڇا ڪيو پيو وڃي.جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي ڪهڙي شق عدالت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿي؟ شقن تي عمل ڪرڻ جو اختيار ايس ايڇ او وٽ هوندو آهي.ايڊووڪيٽ لطيف کوسا چيو ته ايس ايڇ او به جاچ جي مرحلي ۾ دهشتگردي جون دفعات لاڳو نٿو ڪري سگهي.جسٽس عائشه ملڪ لطيف کوسا کي چيو ته هاڻي توهان پنهنجي خلاف دليل ڏئي رهيا آهيو، جڏهن ڪيس جاچ اسٽيج تي آهي ته ايف آءِ آر بند ڪرڻ جي درخواست ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ڪهڙو قانون انهن شقن کي ايف آءِ آر مان هٽائڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪم نامي جي درخواست رد ڪندي پبلڪ پراسيڪيوٽر کان ڪيس جا تفصيل گهري ورتا.عدالت ايڊووڪيٽ جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ وڪيل لطيف کوسا جي عبوري ضمانت ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪم نامو ڏيڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.ان موقعي تي لطيف کوسا درخواست ڪئي ته منهنجي موکل جي جان کي خطرو آهي، مهرباني ڪري کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو