وچ شهر مان 3 لک ڦر، روڊ حادثي ۾ 2 زخمي ۽ خودڪشي

پنوعاقل ( سنتوش ڪمار) وچ شهر ۾ سانول چوڪ تان ڪريانه اسٽور مالڪ اجي ڪمار کان ٻه نامعلوم هٿياربند 3 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هن ٻڌايو ته صبح سوير ٻه موٽرسائيڪل سوار دوڪان ٻاهران ٽي لک ڦري ويا، جنهن جي اين سي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. ٻئي پاسي هڪ ڌار واقعي ۾ ڳوٺ فقير ميان بيگ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن وچ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ٻه ڄڻا وڪيل احمد ملڪ ۽ خير محمد چاچڙ سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي. سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄڻي ڀرسان 28 ورهين جي شادي شده نوجوان لکڻ جتوئي گهريلو اڻبڻت تان بندوق جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان جي مڙھ کي قانوني ڪارروائي لاءِ سانگي ٿاڻي جي پوليس تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي پهتي جتي کيس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سانگي پوليس ۽ وارثن موجب نوجوان گهريلو اڻبڻت تان ۽ ٻيا گهرڀاتي شادي تي ويل هئا جنهن ڪري نوجوان بندوق جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، ۽ نوجوان چئن ٻارڙن جو پي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو