ويگو جو رڪشا کي ٽڪر پورهيت فوت، ويگو ڊرائيور فرار

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) باء پاس تي المدينه پمپ اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ويگو گاڏي گهوٽڪي ويندڙ رڪشي کي ٽڪر هنيون جنهن جي نتيجي ۾ رڪشو هلائيندڙ پورهيت اختر علي پٽ محمد شريف سانگي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي جي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي پورهيت نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو