ڪابينا پاران آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت آئين ۽ قانون ۾ ترميم جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي هنگامي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ۽ آئين ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي۔ وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزير اعظم هائوس ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڪابينه ميمبرن کان علاوه اهم شخصيتن شرڪت ڪئي۔ ذريعن مطابق اجلاس ۾ ون پوائنٽ ايجنڊا يعني آرمي چيف جي مدت ملازمت ۽ ان ۾ واڌ بابت ترميم جي مسودي تي غور ڪيو ويو۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ آئين ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۽ واڌ جو طريقيڪار واضح ڪيو ويو. آرمي چيف جي رٽائرمينٽ جي عام طور تي عمر 60 سال هوندي ۽ جيڪڏهن وزيراعظم ڪنهن آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ ڪري ته ان صورت ۾ وڌ ۾ وڌ رٽائرمينٽ جي حد 64 سال هوندو. امڪان آهي ته جمعي تي حڪومت اهو بل پارليمان ۾ پيش ڪندي. وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن تي به وفاقي ڪابينه جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي جنهن ۾ 9 نڪاتي ايجنڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. جنهن کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم عمران خان جي معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو هو ته وفاقي ڪابينه نيب ترميمي آرڊيننس جي منظوري ڏني آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 نومبر تي آرمي چيف جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ ڪندي پارليامينٽ کي ان حوالي سان قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو