عدليا ۽ پارليمان ۾ ڇڪتاڻ، چيف جسٽس جا اختيارگهٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب اسمبلي جي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد حڪومت ۽ عدليا ۾ وڌندڙ ويڇن سبب بظاهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ٻن ججن جي ڏنل فيصلي بعد وزيراعظم قانون سازي جو اعلا ڪيو ۽ ان بعد فوري طور ڪابينا جو اجلاس گهرايو. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم تي غور ڪيو ويو ۽ ٻين قانوني سڌارن بابت به مشاورت ڪئي. هڪ تجويز اها به هئي ته چيف جسٽس پاران از خود نوٽيس وٺڻ يا بينچ ٺاهڻ بابت جيڪي هڪ طرفا اختيار آهن انهن کي محدود ڪيو وڄي ۽ از خوڊ نوٽيس لاءِ سينئر جج يا فل ڪورٽ کان منظور وٺڻ جون تجويزون غور هيٺ آهن. ذريعن موجب هڪ تجويز اها به هئي ته آئين کان مٿانهون ڏنل فيصلو پارليامينٽ کي ختم ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ بابت به آهي. وفاقي حڪومت عدالتي سڌارن لاءِ قانون سازي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل بل ۾ پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جي حق بابت قانون سازي ڪئي ويندي، تجويز ڪيل بل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان اڪيلو پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال نه ڪري سگهندو، بل ۾ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي جي تجويز آهي. غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي بئنچ جوڙڻ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ انهن تجويز ڪيل قانونن جي منظوري ڏني ويندي ۽ پوءِ ان کي اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو