وسيم خان پي سي بي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم خان ڪالهه پنهنجي استعيفيٰ پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي پيش ڪري ڇڏي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پڻ تصديق ڪئي آهي ته وسيم خان چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ بورڊ آف گورنرز ان معاملي تي غور ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته وسيم خان اختيارن جي کوٽ تي خوش نه هو، وسيم خان رميز راجا سان گڏ وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ تي عهدي کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو