فوجي چوڪي تي حملو 3 ڄڻا مارجي ويا، 5 فوجين سميت15زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آچر تي اتر وزيرستان ۾ پرتشدد ڪارواين جي اطلاعان بعد فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيڪ پوسٽ تي حملي بعد فائرنگ جي تبادلي م 3 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 5 فوجين سميت 15 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي فوجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اتر وزيرستان جي بويا واري علائقي م خارقمر چيڪ پوسٽ تي ان مهل حملو ٿيو جڏهن پشتون تحفظ موومينٽ جا ايم اين ايز محسن داوڙ ۽ علي وزير ڌرڻي ۾ پهتا. فوجي ترجمان موجب سيڪورٽي فورسز معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهرين فائرنگ ڪئي جنهن ۾ فوجي زخمي ٿيا ته ٻنهي طرفن کان فائرنگ شروع ٿي. ترجمان موجب ته حمله آور هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل دهشتگردن جي سهولتڪارکي ڇڏائن چاهن پيا. علي وزير کي 8 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آحي جڏهن ته محسن داوڙ فرار ٿي ويو. مقامي ميڊيا موجب هڪ عورت تي حملي خلاف ڌرڻو جاري هو جڏهن علي وزير ۽ محسن داوڙ پهتا ته مظاهرين مشتعل ٿي ويا. سوشل ميڊيا تي مقامي ماڻهن جي حوالي سان خبرون هلن پيون ته علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، موبائل، لينڊ لائن فون ۽ انٽرنيٽ سروس بلاڪ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن محسن داوڙ جيڪو زخمي آهي تنهن وائيس آف امريڪا جي ديوا ريڊيو سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته مظاهرين پرامن هئا فائرنگ فوج ڪئي آهي. ٻئيپاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان جڏهن پريس ڪانفرنس دوران ان معاملي بابت سول پڇيو ويو ته هن چيو ته هڪ چونڊيل نمائندو ڪيئن فوجي چوڪي تي حملو ڪندو؟ هن چيو ته کيس تفيلي خبر معلوم ناهي پر پر امن احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي. تشدد غلط آهي ۽ ڪنهن تي به تشدد نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پنهنجي نوجوانن ۽ چونڊيل ميمبرن کي غدار سڏيندا ته اهو مسئلي جو حل ناهي، ايوب خان جي آمريت سبب بنگلاديش ٺهيو پنهنجن نوجوانن سان ڳالهايو مٿن غداري جا ليبل نه هڻو.

پهنجو تبصرو موڪليو