ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم محمد شهبازشريف کي درخواست ڪئي آهي ته هو 27 جون جو گوادر جودورو ختم ڪري ڇڏي حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم پاران 27 جون تي گوادر جي دوري جو امڪان آهي وزيراعليٰ سيڪريٽري مان وزيراعظم کي خط لکيو ويو جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي ته وزيراعظم گوادر جو دورو ختم ڪري ڇڏي خط ۾ چيو ويو ته ملڪ ۽ صوبي جون مالي حالتون خراب آهن وي وي آئي پي دورن تي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي مد ۾ ڳرا خرچ ٿين ٿا اهي پئسا دورن بدران عوام کي رليف ڏيڻ تي خرچ ڪري سگهجن ٿا خط ۾ چيو ويو ته وزيراعطم پنهنجي دوري تي ايندڙ خرچ عوام تي خرچ ڪري ته جيئن ان جو فائدو سڌي طرح عوام کي ٿي سگهي.
