وزيراعظم جي چونڊ، شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا ڪاغذ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.وزيراعظم جي عهدي لاءِ اتحادي پارٽين جي اميدوار شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا، جيڪي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل طاهر حسين وصول ڪيا.شهباز شريف جي مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب به ڪاغذ جمع ڪرايا.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب شهباز شريف لاءِ 8 ۽ عمر ايوب جا 4 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، جيڪي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ منظور ڪيا ويا.شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي سُني اتحاد ڪائونسل جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو