ورلڊ ڪپ، پاڪ ڀارت ميچ جي ٽڪيٽ 50 لکن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي

لاهور(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا مداح ايندڙ مهيني ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ لاءِ پرجوش نظر اچي رهيا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي ٽڪيٽ جي قيمت 50 لک رپيا ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب 29 آگسٽ ۽ 3 سيپٽمبر تي پاڪ ڀارت ميچ جون سموريون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڪرو ٿي ويون.ڀارتي ميڊيا موجب پاڪ-ڀارت ميچ جون ڪجهه ٽڪيٽون آن لائين اسپورٽس ٽڪيٽ پليٽ فارم تي وڪري لاءِ پيش ڪيون ويون آهن، جن جي قيمت 62 هزار کان 57 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي وئي آهي.واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ميچ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو