پاڪستان جي سريلنڪا کي شڪست، ورلڊ رڪاڊ قائم

حيدر آباد(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا خلاف عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار سينچرين جي بدولت ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پورو ڪري ورتو.پاڪستان سريلنڪا پاران ڏنل 345 رنسن جو هدف 49 هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، عبدالله شفيق 112 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، محمد رضوان آئوٽ ٿي ويو.345 رنسن جو ٽارگيٽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم پاران حاصل ڪيل سڀ کان وڏو هدف آهي.ان کان اڳ 2011 جي ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ انگلينڊ کي 329 رنسن جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو هو.هي ميچ حيدرآباد جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جتي لنڪن ڪپتان دسن شناڪا ڪپتان بابر اعظم کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني.سريلنڪا مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون، ڪوشل مينڊس 122 رنسون ۽ سمارا وڪراما 108 رنسون ٺاهيون.هي ورلڊ ڪپ جي ڪنهن ميچ ۾ پاڪستان خلاف ڪنهن به ٽيم جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي، ان کان اڳ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف سڀ کان وڏو اسڪور 336 رنسون هو جيڪو ڀارت 2019 ۾ ٺاهيو هو.قومي ٽيم ۾ اڄ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، اوپنر فخر زمان جي جاءِ تي عبدالله شفيق کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو