ورلڊ بئنڪ فنڊز، عدالت سنڌ حڪومت کي وڌيڪ ٺيڪا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي انفرااسٽريڪچر لاءِ ورلڊ بئنڪ جي 3 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز جي استعمال بابت درخواست تي سنڌ حڪومت کي وڌيڪ ٺيڪا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو درخوست گذار جي وڪيل ضياء مخدوم موقف ڏنو ته ڪراچي جي انفرااسٽريڪچر لاءِ 3 ارب 60 ڪروڙ رپين جا منصوبا جاري آهن هي منصوبو ڪامپيٽيٽو اينڊ لائيو ايبلسٽي آف ڪراچي (ڪلڪ) جي نالي سان جاري آهي قائدن مطابق منصوبن ۾ شفافيت لازمي آهي پر ڌرين ڪنهن به ترقياتي منصوبي لاءِ اشتهار به جاري ناهي ڪيو درخواست گذار مطابق ڌريون هي ڪم ايمرجنسي جي آڙ ۾ ڪري رهيون آهن پراجيڪٽ جي هر منصوبي جي ٽينڊر لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي درخواست گذارن کي به ٽينڊرز ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جن منصوبن جا پهريان ٺيڪا جاري ٿي چڪا آهن انهن جو به جائزو وٺي سگهجي ٿو هر ٽينڊر جي لاڳت ۽ ڪم جي نوعيت جو تفصيل فراهم ڪيو وڃي ڪي ايم سي جي وڪيل موقف ڏنو ته ايترو تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو وڃي عدالت ريمارڪس ڏنا ته معاملو اهم نوعيت جو آهي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهجي عدالت حڪومت کي وڌيڪ ٺيڪا ڏيڻ کان روڪيندي ٻڌڻي 29 نومبر لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو