هڪ ڏينهن ۾ روس- يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏيندس: ٽرمپ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ دعويٰ ڪندي چيو ته آهي ته هو روس ۽ يوڪرين تڪرار کي چويهه ڪلاڪن اندر ختم ڪري سگهي ٿو، هن جنگ ختم ڪرڻ جو طريقو بيان ناهي ڪيو پر هن چيو ته هو امن ڳالهين جي صدارت ڪندي ايئن ڪندو.فاڪس نيوز کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن 2024ع ۾ صدارتي چونڊن جي پڄاڻي تائين جنگ ختم نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن هو ٻيهر صدر چونڊيو ويو ته هڪ ڏينهن اندر امن ٺاهه ڪري وٺندو، هن دعويٰ ڪئي ته روسي صدر والاديمير پيوٽن، يوڪرين جي والاديمير زيلنسڪي ۽ سندس موجودگي ۾ ڳالهين ۾ سولائي ٿيندي.اڳوڻي آمريڪي صدر نوٽ ڪرايو ته ڳالهيون ڏيڍ سالن تائين شروع نه ٿينديون ۽ اِهو هڪ ڊگهو عرصو آهي، هن ان خدشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان دوران جنگ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو