هڪ مهيني کان بجلي بند، مڪينڪ اتحاد جو احتجاج

ڏهرڪي(قادر خان جٽ) آل ميڪينڪ اتحاد طرفان مڪينڪ مارڪيٽ جي هڪ مهيني کان بجلي بند هئڻ خلاف واپڊا آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. علي احمد ڀٽي اي ڊي چوهاڻ منصور ڀٽو قربان علي مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  واپڊا آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو ، اڳواڻن چيو ته ايس ڊي او واپڊا عبدالله کوسو مارڪيٽ جي بجلي هڪ مهيني کان بناجواز بند ڪري ڇڏي آهي ۽  ڪرپٽ ايس ڊي او ٽرانسفارمر لاٰءِ ٻه لک رشوت گهري رهيو آهي. هنن چيو ته اسانجو ڪاروبار ختم ٿي ويو آهي، ٻڇا بک ٿا مرن. هنن مطالبو ڪيو ته راشي ايس ڊي او  کي هٽائي بجلي بحال ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو