هٿرادو مهانگائي ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو؛ ڊپٽي ڪمشنر

ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دوڪاندارن، پئٽرول توڙي ڊيزل جي ماپ ۾ کوٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏهرڪي جي مختلف دوڪانن ۽ پئٽرول پمپن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي محمد عثمان سان گڏجي اوچتا ڇاپا هڻڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي به هٿرادو مهانگائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسون دوڪاندارن کي گهرجي ته هو مارڪيٽ ڪاميٽي پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽن تي مڪمل عمل ڪن ۽ ريٽ لسٽون نمايان ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي اگهن متعلق معلومات ملي سگهي ٻي صورت ۾ مٿن ڏنڊ لڳايو ويندو. هن چيو ته ضلعي جو عوام شڪايتون ڪندو رهي ٿو ته ڪيترن ئي پئٽرول پمپن تي پئٽرول توڙي ڊيزل پوري مقدار ۾ نه پيو ڏنو وڃي اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي جڏهن ته اسلام مطابق به  ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ کان سختي سان منع ڪيو ويو آهي ڇو ته هي هڪ وڏو سماجي ڏوهه ۽ عوام مٿان ظلم آهي انڪري پئٽرول پمپ مالڪن کي تنبيهه ڪريون ٿا ته هو ماپ ۾ کوٽ ڪرڻ بدران پوري مقدار ۾ تيل وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هٿرادو مهانگائي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هو پنهنجي پنهنجي تعلقن جي بازارن ۽ پئٽرول پمپن جو دورو ڪري جائزو وٺن ۽ ريٽ لسٽن تي عمل نه ڪندڙن توڙي تور۽ ماپ ۾ کوٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو