ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ۽ سنڌ جي اقليتي معاملن اوري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾منعقد ٿيو جنهن ۾هنگلاج ماتا جي ياترا جي لاء بس سرورس هلائڻ جي حتمي منظوري ڏني وئي ۽ ضلعي سطلح تي ڪميٽيپن بڻايون جيڪي ياترا جي لاء ويندڙن جي حتمي فهرست جوڙڻ علاوه ياترا جي باقي انتظامن جي سارسنڀال لهنديون اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ياتري جي لاء ستن بسون تي لاڳاپيل پهريون قافلو 22 جولائي تي ڪراچي مين روانو ٿيندو جڏهن ته اهڙيت حيدرآباد سميت هر ضلعي مان قافلا روانا ٿيندا اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ هندن جي اڪثريت هجڻ جيڪري ٻنهين ١لعن اضافي سروس هلائي ويندي۔ ان موقعي تي صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي چيو ته هنگلاج ماتا جي ياترن جي لاء بس سروس لاء پوري صوبي مان موٽ ملي آهي جڏهن ٻين اقليتن سکن ء عيسائي برادري جي مقدس جاين جي ياترا جي لاء به قافلا روانا ڪيا ويندا۔ ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن صوبائي وزير پاران بس سروس شروع جرڻ تي سندس تعريف ڪندي چيو ته هي صوبي ۾ اهڙي قسم جو پهريون منفرد قدم آهي۔ جنهن جي عوام پاران ڪافي ساراه ملي آهي۔ صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال اقليتي برداري سان واسطو رکڻ وارن حقدارن شاگردن کي اسڪالرشپ لاءِ پوڻا چار ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن جيڪي مرحلي واري ڏنا ويندا ڪميٽي اجلاس ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ معمولي جهيڙي تي 12 سالن جي ٻار شام جي قتل تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن جي ڀرپور مالي امداد جو مطالبو ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي وزات واري دور ۾ صوبي ۽ عوام جي ڀلائي لاء بهترين فيصلا ڪيا ۽ اقليتي برادري بنا فرق جي خدمت ڪئي۔ ان خدمت ۽ محنت جي نتيجي ۾ ايندڙ دور به پاڪستان پيپلز پارٽي جو هوندو الله چاهيو ته اسان جي پارٽي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهيندي.
