هندو برادري راکي ٻڌڻ جو تهوار جوش جذبي سان ملهايو

ڪراچي(باغي ساگر پنهوار)سڄي سنڌ، هندوستان ۽ دنيا ۾ ھندو برادري راکي ٻڌڻ جو مذھبي تھوار وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. “رڪشا بندهن ” ڪراچي جي قديمي مندر شري پنکچ ھنومان مندر ۾ ملھايو ويو ھندو برادي سان تعلق رکندڙ مرن عورتن جي شرڪت مندر ۾ پوڄا پاٽ ڪرڻ کانپوء ڀينرون پاران پنهنجي ڀائرن جي ھٿن ۾ راکي ٻڌي مختليف رنگن جي داھاڳن سان ٺھيل راکين ۾ پنهنجي ڀڳوانن جون لڳل تصويرن سان آرتي ڪرڻ بعد ڀينر پنهنجي ڀائر جي ھٿ ۾ راکي ٻڌي ٿي ۽ پنهنجي ڀائر لاء وڄي ڄمار جي دعا ڪري ٿي پوري عالم انسانيت کي ان ڪچي دھاڳي سان جوڙيل ميسيج اھيو آهي ته ڀائر پنهنجي ڀيڻ جي ھر ڏکي وقت مشڪلات ۾ تحفظ ڪري ۽ سندس ڀيڻ ڀاو وارو پويتر رشتو برقرار رھي مندر ۾ آيل ھندو برادري جي ماڻھن مھراج شري رام ناٿ کان آشرواڌ پڻ ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو