ايس ايس پي نوٽيس ورتوهنداڻن تي قتل پورهيت جا قاتل گرفتار

ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) مبارڪپور پوليس جو انوکو ڪارنامو هنداڻا پٽڻ کان منع ڪرڻ تي قتل ٿيل پورهيت جي احتجاج ڪندڙ عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. صحافين جڏهن ويڊيو ٺاهيو ته پوليس کانئن ڪيمرا ۽ موبائل فون کسي ورتا. منهن ماري بعد ڪيمرا ۽ موبائل صحافين کي واپس ڪيا ويا ۽ ڪجهه دير بعد مقتول جي وارثن کي چپ رهڻ جي شرط تي آزاد ڪيو ويو. سنڌيار اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون نوٽيس وٺندي پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد پوليس پورهيت جي وارثن کان معافي ورتي، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتا. اڳ ۾ پوليس نامزد قاتلن مان ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار هئي.  مقتول پورهيت جي وارثن ايس ايس پي سکر کي دعا ڏيندي چيو ته ڀلاري مهيني ۾ خدا کيس اجر ڏيندو ۽ اسين اپيل ٿا ڪريون ته هو جوابدارن خلاف چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ تائين اسان جي مالڪي ڪري. ان کان اڳ ڳوٺ گهٽي ملڪ ۾ نواز المعروف نوازڻ ملڪ جوهارپوڪندڙ پورهيت تيرٿ داس باگڙي هنداڻن جي واڙي تي ڪم ڪري هيو ته ملڪ برادري جا ماڻهو هنداڻا زوري پٽي رهيا هيا، روڪڻ تي تيرٿ داس تي هنن لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. ڌڪ لڳڻ ڪري تيرٿ داس باگڙي بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. مقتول جي وارثن  ڪنورداس، ڍولو، مائي ڀاڳل، راڌان ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان هتي هنداڻا پوکي مزدوري ڪري پيٽ پاليون ٿا. پوکيل هنداڻاجي واڙي تي زبردستي ملڪ برادري جا ماڻھو غلام رسول ملڪ اصغرملڪ ۽ عمرملڪ جا پٽ هنداڻا پٽي رهيا هئا، روڪڻ تي اسان جي نوجوان کي ڌڪ هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته مبارڪپور پوليس کي بروقت طلاع ڏنو سين پر 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ لاش ڪڙھندو رهيو۽ پوليس ديرسان پهتي. اسين ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو