هلندڙ صدي جو وڏو سائنسي منصوبو، جيمز ويب ٽيلسڪوپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي خلائي اداري ناسا پاران تيار ڪيل جيمز ويب اسپيس ٽيليسڪوپ کي خلا ۾ موڪلڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. 10 ارب ڊالر جي لاڳت سان تيار ڪيل هي ٽيليسڪوپ 21 هين صدي جو وڏو سائنسي منصوبو سمجهو پيو وڃي. هي ٽيليسڪوپ خلا ۾ حبل ٽيليسڪوپ جي جاءِ والريندي جياڪ 1990 ۾ خلا ۾ موڪلي وئي هئي. هن جو مقصد خلائي تحقيق آهي ۽ سيارن جي چر پر کي مانيٽر ڪرڻ ۽ خلا ۾ موجود اجنبي مخلوق بابت پتو لڳائڻ آهي. 18 ڊسمبر تي هي ٽيلسڪوپ خلا م رواني ڪئي ويندي. هن جا فائنل ٽيسٽ جاري آهن.

Photo Courtesy BBC/NASA

پهنجو تبصرو موڪليو